SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Political Asylum

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pɔlitikl
  • əsailəm
  • )

From the Dictionary of Official Terms:

Political Asylum

سياسي پناهگاهه- سياسي دارالامان


From the Dictionary of International Relations:

Political Asylum

پُليٽيڪل اسائلم

سياسي پناهه

هيءُ هڪ عمل آهي، جنهن ذريعي ڪابه رياست ڪنهن ٻيءَ رياست جي هڪ اهڙي شهريءَ کي پاڻ وٽ پناهه ڏئي ٿي، جيڪو پنهنجي مهذب سياسي روين يا خيالن جي ڪري پنهنجي اصلوڪي سياست جي عتاب هيٺ آيل هُجي، يا کيس پنهنجي سياسي موقف جي ڪري اذيت ملڻ يا عقوبتن جي شڪار ٿيڻ جو ڀئه هجي. هي عمل عالمي سياست ۾ گهڻي وقت کان ڪافي پيچيده مسئلو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي معاملو اڪثر ڪري مختلف رياستن جي قومي مُفادن سان لاڳاپيل هوندو آهي. ان ڪري بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان ڪافي موقعن تي هن مسئلي تان رياستن جي وچ ۾ ناراضگيون به سامهون آيون آهن، عام طور تي سمجهيو وڃي ٿو ته اهڙو حق ڪنهن فرد کي نه پر پناهه ڏيندڙ رياست کي حاصل آهي ته اُها معاملي جي وضاحت مان مطمئن ٿيندي، ڪنهن به پرڏيهيءَ کي پاڻ وٽ پناهه ڏئي، پر گڏيل قومن جي پڌرنامي جي شق : 16 ان حوالي سان وضاحت ڪندي بين الاقوامي قانون جي دائرن ۾ هڪ فرد کي به سياسي پناهه حاصل ڪرڻ جي حق جي حمايت ڪري ٿي. ان پهلوءَ جي سهائتا ڪندي 1960ع ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ”پناهه جي حقن“ جي حوالي سان هڪ ڌار پڌرنامو جاري ڪيو، جنهن ۾ سياسي پناهه گهرندڙ ڪنهن به شخص جي اهڙي حق جي حمايت ڪندي چيو ويو ته ڪابه رياست جيستائين پناهه حاصل ڪرڻ جي خواهشمند کي پنهنجي رياست يا قومي مفادن يا عوامي تحفظ لاءِ خطرو نٿي سمجهي، تيستائين اها رياست کيس پناهه ڏيڻ واري ذميواريءَ لاءِ پابند آهي. ساڳي طرح سياسي پناهه وٺندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو جنهن ملڪ ۾ پناهه وٺي ٿو، ان کي ڪنهن حوالي سان ڪوبه نقصان نه رسائيندو ۽ اُتي رهائش دوران ڪي به غير قانوني سرگرميون نه ڪندو. سماجي سائنسدان ”اوڪونيل“ جي خيال مطابق، سياسي پناهه جي تصور بابت ”هيومن رائيٽس ڪميشن“ جي ڪيل وضاحت مان، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پوريءَ طرح مطمئن نه آهي. ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي تعلقات ۽ جنگي حالتن دوران، ”سياسي پناهه جو تصور“ تمام گهڻو منجهي وڃي ٿو. ’پناهه جي حقن‘ بابت گڏيل قومن جي پڌرنامي کي اڃا تائين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ طرفان مڃتا نه ملي سگهي آهي، انهيءَ ڪري دنيا جي سڀني سفارتي حلقن يا رياستي شعبن ۾ ”سياسي پناهه“ جي حوالي سان ڪا واضح سهمتي يا قانون نه جُڙي سگهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو ڌارين ملڪن ۾ سياسي پناهه جي خواهشمند فردن جي معاملن جو سدائين انفرادي حيثيت ۽ مخصوص پس منظر ۾ جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي سندن درخواستن تي مختلف قسمن جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. هن اصطلاح جو ”سرد جنگ“ واري مدي ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيو، جڏهن سوويت بلاڪ سان لاڳاپيل ملڪن جي شهرين ”سياسي اختلاف“ جي بنياد تي پنهنجين اباڻين رياستن ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي آمريڪا ۽ اولهه يورپ ڏانهن رُخ رکيو. انهن معاملن جي ڪري ٻنهي بلاڪن جي لاڳاپن ۾ به ڪافي ڇڪتاڻ نظر آئي، سفارتڪاريءَ ۾ هيءُ اصطلاح ڪنهن به رياست جي شهريءَ کي سفارتخاني جي حدن ۾ پناهه ڏيڻ واي عمل لاءِ به استعمال ٿيندو آهي


Remember Me Also:

عين وقت

ظرف. تُز وقت ،اوکهيءَ گهڙيءَ ، نازڪ وقت. پوري وقت. ٺيڪ وقت ، مهلائتو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal